ڪريم بخش کوسو(اسپورٽس نيوز) ڪريم بخش کوسو ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٻئي مرحلي ۾ داخل، 8 ٽيمون ڪواٽرفائينل رائونڊ لاءِ پهتيون، ڪريم بخش کوسو ۾ پنجين يعقوب خان کوسو نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آهي، نائيٽ ٽورنامينٽ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، جنهن ۾ 8 ٽيمون ڪواٽرفائينل رائونڊ لاءِ پهتيون آهن، جنهن ۾ خان اليون، الجنيد اليون، ڪوٽ جنگو اليون، الهياري اليون، النور اليون، ابڙا اليون، شاهين اليون، بلوچ اليون ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهتيون آهن،