ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ ڪيس ۾ اين ايچ اي ۽ ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو کي ڌر بڻائڻ جو حڪم، عدالت سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کان جواب گهري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ٽرانسپورٽرز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو سگنلز خراب آهن ۽ سائن بورڊ نه آهن، جڏهن ته اين ايڇ اي شهر جي 57 سيڪڙو حصي جي مالڪي ڪري رهي آهي پر اهي ڪجهه نه ڪري رهيا آهن، ايم 9 موٽر وي جي حالت انتهائي خراب آهي، موٽر وي وارا رڳو ٽيڪس وصول ڪري رهيا آهن، اسان 30 ايڪڙ زمين پرائيويٽ ماڻهن کان ورتي آهي پر بورڊ آف روينيو ٽرانسپورٽرن کي اين او سي جاري نه ڪري رهيو آهي، بورڊ آف روينيو پاران ٽرانسپورٽرن لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، عدالت اين ايڇ اي ۽ ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو کي ڌر بڻائڻ جو حڪم ڏيندي سيڪريٽري ليڊ يوٽيلائيزيشن ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کان 21 فيبروري تائين جواب گهري ورتو.