حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) اليڪشن ڪميشن حيدرآباد جي مڪاني چونڊن جي حتمي رزلٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. حتمي رزلٽ مطابق پيپلزپارٽي يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 96 ۽ وارڊن جي جنرل ميمبرز جي 333 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ يوسيز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 40 ۽ جنرل ميمبرز 156 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ٻئي مرحلي جي 15 جنوري تي ٿيل مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ضلعي جي جيڪا حتمي رزلٽ جاري ڪري پارٽي پوزيشن پڌري ڪئي آهي، تنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 160 يونين ڪميٽين مان 153 يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي ٿيل چونڊ نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن جنهن مطابق پيپلزپارٽي کي 96، پي ٽي آءِ کي 40، آزاد اميدوارن کي 14، ٽي ايل پي کي 2 ۽ جماعت اسلامي کي يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي هڪ سيٽ حاصل ٿي. ٻن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي ٿيل چونڊ جا نتيجا رڪيل آهن. 5 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي اميدوارن جي موت سبب چونڊ جو عمل ملتوي ٿيل آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ مجموعي طور تي 640 وارڊ قائم ٿيل آهن جن مان 629 وارڊن تي جنرل ميمبر طور ٿيل چونڊ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. انهن 629 وارڊن مان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي 333 وارڊن تي جنرل ميمبر طور ڪاميابي ٿي. پي ٽي آءِ کي 156، آزاد 90، ٽي ايل پي 15، ايم ڪيو ايم 9، جماعت اسلامي 7، جي يو آءِ (پ) 5، جي ڊي اي ٻن، پي ايس پي هڪ ۽ ٻين اميدوارن 11 وارڊن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. 6 وارڊن تي اميدوارن جي وفات سبب چونڊ ملتوي ٿيل آهي. ٽن وارڊن تي ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم داخل نه ڪيا جڏهن ته ٻن وارڊن جو چونڊ نتيجو رڪيل آهي.