ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري سيڪريٽري اختر عنايت ڀرڳڙي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته 20هين گريڊ  جي سيڪريٽري اسپورٽس اختر عنايت ڀرڳڙي کي هٽائي ساڳئي هنڌ 20هين گريڊ جي آفيسر  عبدالهادي بلو کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.