ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 2 مبينه مقابلا، 2 هاف فراءِ:  3 گرفتار، ان  ڏس ۾ ڪلفٽن  جي چائنا پورٽ وٽ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ جوابدار اسد يار خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب زخمي جوابدار جي قبضي مان پستول هٿ ڪيو ويو. هوڏانهن سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس دعويٰ ڪئي ته معمار موڙ وٽ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي هڪ شهري محمد سعيد عباس کي زخمي ڪيو، انهي دوران پوليس پارٽي پهتي ته مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد حماد ۽ اسرار کي گرفتار ڪيو ويو، حماد زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو، جوابدارن جي قبضي مان پستول ۽  ڦر ڪيل رقم هٿ ڪئي وئي