حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران سنڌ يونيورسٽي کان ڪاليج واپس وٺي گورنمينٽ  ڪاري موري يونيورسٽي کي ڏيڻ واري منصوبي خلاف پريس ڪلب سامهون محمد علي گهانگهرو، رستم چانڊيو، ذوالفقار رستماڻي، جان محمد ڏاهاڻي، صحراب برفت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چيو ته سنڌ يونيورسٽي 70 سالن کان پراڻي يونيورسٽي آهي جنهن کي مالي طور خساري ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان کان اڳ به 25 ڪاليج واپس وٺي شاهه لطيف يونيورسٽي کي ڏنا ويا هئا جڏهن ته هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر يونيورسٽيءَ کان ڪاليج واپس وٺي ڪاري موري يونيورسٽيءَ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي طور خسارو ٿيندو ان ڪري سندن حڪومت کان مطالبو آهي ته اهڙو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪندا.