اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ قائم ماڊل ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پير بخش پتافي کي عمر قيد جي سزا ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ساڳئي  جوابدار کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ وڌيڪ 5 سال قيد جي سزا به ڏني وئي. ياد رهي ته جوابدار پيربخش پتافي 4 سال اڳ گهٽيءَ جي معمولي ڳالھه تان منهن ماري ٿيڻ تي پنهنجي برادريءَ جي نوجوان عاشق علي پتافيءَ کي پستول جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، مقتول جي وارث مسمات لطيفان پتافي جوابدار مٿان قتل جو ڪيس خانپور مهر ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو، گذريل ڏينهن اوٻاوڙي جي ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جوابدار پير بخش پتافيءَ کي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڊسٽرڪٽ جيل اماڻي ڇڏيو.