ڪراچي: صحت واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ڪورونا بابت صوبائي ٽاسڪ فورس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته صوبي ۾ ڪورونا جي شرح 10.3 سيڪڙو آهي جڏهن ته صوبائي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ اها شرح23.7 سيڪڙو تي پهتي آهي. ڪراچي اوڀر ۾ گذريل هفتي اها شرح 29 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته ڪورنگي ۾ 17، سينٽرل ۽ ڏکڻ ۾ 15، ملير ۽ اولهه ۾ 10 سيڪڙو رهي. سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ اها شرح 8.48 سيڪڙو تي پهچي وئي. هوانهن ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 5.7 سيڪڙو رهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 11 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1425 نوان ڪيس سامهون آيا