ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا جي چئني لهرن دوران متاثر ٿيلن جو انگ 10 لکن کان وڌي ويو ، ان ڏس ۾ اين سي او سي جي ذريعن جو چوڻ هو ته هن وقت تائين ملڪ ۾ ڪورونا جا 1000034 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 23 هزارن (22939) تي پهتو هو، ملڪ ۾ ڪورنا جي فعال ڪيسن جو انگ پڻ 53623 ٿي ويو.