حيدرآباد: حيسڪو جي لاپرواهي سبب لطيف آباد ۾ بجلي جي ٽرانسفارمر کي ڌماڪي بعد لڳل باهه ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به سراپا احتجاج بڻيل آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران لطيف آباد واقعي جو ذميوار حيسڪو کي قرار ڏيندي اڄ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم واقعي جي جاچ لاءِ عدالت ۾ وڃڻ ۽ اسيمبلين ۾ آواز اٿارڻ جو به اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ متحده قومي مووومينٽ پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل پريس ڪلب ۾ ايم پي اي راشد خلجي، ايم اين اي صابر قائمخاني ۽ ايم پي اي ظفر صديقي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لطيف آباد يونٽ نمبر 8 ۾ حيسڪو جي لاپرواهي سبب 5 معصوم جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته واقعي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، هنن چيو ته واقعي بعد زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو پر اتي علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب انهن کي ڪراچي منتقل ڪرڻو پيو، جنهن سبب وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويا، هنن چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويندو. هنن چيو ته حيسڪو جو پورو انفراسٽرڪچر ناڪاره ٿي ويو آهي، ڪرپشن سبب ادارو تباهي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. هنن وفاقي وزير توانائي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور حيدرآباد جو دورو ڪري حيسڪو جي مجموعي حالت جو جائزو وٺي واقعي جي جاچ لاءِ جاچ ڪاميٽي جوڙي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ جاري ڪئي وڃي. فوتين جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏئي نوڪريون ڏنيون وڃن. حيسڪو جو ٿرڊ پارٽي کان 10 سالن جي آڊٽ ڪرائي وڃي. غيرمعياري ٽرانسفارمرن سميت سامان جي خريداري جي جاچ ڪرائي وڃي.