اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي حڪم ڏنو آهي ته هو سنڌ اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفا واپس وٺي، وزيراعظم سان فردوس شميم ملاقات ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان فردوس شميم کي استعيفا واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ انتهائي فڪرمند آهيان، وزيراعظم چيو ته ڪراچي معاشي حب آهي ان جي ترقي سان ملڪ جي ترقي ممڪن آهي، ڪراچي جي عوام کي پ پ جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين، پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم وزيراعظم کي ڪراچي جي ترقياتي ڪمن بابت آگاهي ڏني، هن چيو ته سنڌ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، عوام پ پ حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آهي، سنڌ جي اسيٽنڊنگ ڪاميٽين ۾ اپوزيشن ميمبرن کي نمائندگي نه پئي ڏني وڃي. فردوس شميم نقوي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفا ڏني هئي پر وزيراعظم جي حڪم تي هن استعيفا واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.