خانپورمهر (ن پ ا) خانڳڙھ جي گوهر پيليس ۾ٻيهر سياسي اُٿل پُٿل شروع ٿي وئي آهي، پ پ مخالف اتحاد جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو. جنهن جي ميزباني جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر ڪندو، اجلاس ۾ سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ پ پ مخالف ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ مختلف سياسي توڙي مذهبي تنظيمن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي حوالي توڙي موجوده سياسي صورتحال تي ويچاريو ويندو، جڏھن ته پ پ مخالف اتحاد کي نالو ڏيڻ تي پڻ صلاح مشورا ڪيا ويندا ان کان علاوه پ پ مخالف اتحاد جو ايندڙ اجلاس ڪٿي ڪرائڻ واري معاملي پڻ نظر وڌي ويندي، هوڏانهن خانڳڙھ جي گوهر پيلس ۾ پ پ مخالف اتحاد جي رٿيل اڄوڪي اجلاس جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ٻڌايو پيو وڃي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن کي گوهر پيلس ۾ سردار علي گوهر خان مهر پاران مانجهاندو پڻ ڏنو ويندو.