ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ رليف ڪمن متعلق داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، وڪيل شاهد سومرو جي درخواست جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته صوبي ۾ امدادي ڪارروايون ججز جي نگراني ۾ هلي رهيون آهن، درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، حيدرآباد ۾ ٽينٽ سٽي ٺاهي متاثرن کي رهايو ويو، جنهن تي درخواستگذار شاهد سومرو موقف اختيار ڪيو ته حيدرآباد ۾ هڪڙو ٽينٽ سٽي ٺاهيو ويو، جڏهن ته متاثرن جو تعداد لکن ۾ آهي. هرضلعي ۾ ٽينٽ سٽي ٺاهيا وڃن، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس احمد علي شيخ وڪيل شاهد سومرو سان مخاطب ٿيندي چيو ته شاهد سومرو صاحب! ڪراچي ۾ به متاثرن لاءِ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. جنهن تي شاهد سومرو جواب ڏنو ته آئون پاڻ انهن ڪيمپن جو دورو ڪري آيس، اتي ترسيل متاثر مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جنهن تي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته اسان ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي جو حڪم جاري ڪريون ته اوهان مطمئن ٿيندو؟ جنهن تي وڪيل شاهد سومرو چيو ته منهنجن ٻين مطالبن تي به آرڊر جاري ڪيو وڃي، متاثرن لاءِ ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪيا وڃن، حڪومت فنڊ جاري ڪيا پر اهي متاثرن کي نه مليا، هر ضلعي ۾ هڪ سيل ٺاهي ججز جي نگراني ۾ فنڊ ورهايا وڃن، جڏهن ته  متاثرن جي بحالي جلد ڪئي وڃي، عدالت درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل کان 10 ڏينهن ۾ لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو