ٻوڏ متاثر عورت ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد فرار: افضل ڪولاچي ٻارڙي کي هنج وٺي ڇڏيو، ڊاڪٽر بڻائڻ جو عزم

0
950

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) سکر جي سرڪاري ڊسپينسري ۾ ٻوڏ متاثر عورت ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد کيس هنج وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پي پي ايڇ آءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجنل هيڊ افضل ڪولاچي ٻارڙي کي هنج وٺڻ کانپوءِ اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي

افضل ڪولاچي ٽائيم نيوز ڏانهن اماڻيل وڊيو ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر تي تقريبن رات جو 8 وڳي ڊي او سکر جي سرڪاري ڊسپينسري ۾ هڪ ٻوڏ متاثر عورت آئي، جنهن ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد کيس هنج وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪجهه ٻڌائڻ بنا ئي هلي وئي

افضل ڪولاچي موجب ٿي سگهي ٿو ته متاثر عورت بُک، غربت ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب ٻارڙي جي پالنا کان انڪار ڪيو هُجي، ڪارڻ ڪهڙا به هُجن پر ٻارڙي کي جڏهن اسپتال ۾ لاوارث حالت ۾ ڇڏيو ويو ته اسپتال جي ڪنهن به عملي کيس هنج وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ جڏهن مونکي اِن ڳالهه جي خبر پئي ته مون هُن تازي ڄاول نياڻي کي هنج ورتو ۽ منهنجي فيملي تمام گهڻي خوش آهي

افضل ڪولاچي ٻڌايو ته نياڻي کي هنج وٺڻ تي خوشي آهي پر ڏک اٿم ته بک ۽ بدحالي سبب سنڌ جون نياڻيون تازن ڄاول ٻارڙن کي به ائين ڇڏي ڏين ٿيون، جڏهن مون اِهي منظر ڏٺا ۽ اسپتال جي عملي ڪٿا ٻڌائي ته لڙڪ لاڙي ويٺس

ٻارڙي کي هنج وٺندڙ افضل ڪولاچي وڊيو بيان ۾ واعدو ڪيو آهي ته هو نه رڳو هُن نياڻي کي پنهنجي اولاد جيان پاليندو پر کيس اعليٰ تعليم ڏياري  ڊاڪٽر بڻائيندو ته جيئن هوءَ به وڏي ٿي انسانيت جي خدمت ڪري سگهي

ھي به پڙھندا

ڀان سيدآباد ڀرسان سم نالي کي لڳل گھارن جي ٻوڙان ٻوڙ جاري، ٽلٽي کي گھيرو

ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال