حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ دادو ضلعي جي ڪي اين شاهه سميت ٻين علائقن جي ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ هفتي اندر ٽينٽ سٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ڊپٽي ڪمشنر کي ڪي اين شاهه مان پاڻي جي نيڪال لاءِ فوري طور اپاءُ وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري الطاف سچل اعواڻ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي ڌر بڻائيندي درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب ڪي اين شاهه ٻڏڻ بعد هزارين ماڻهون دربدر بڻيل آهن پر ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري معصوم ٻارڙا، عورتون توڙي پيرسن بک ۽ بدحالي سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪي اين شاهه، جوهي، ميهڙ ۽ ٻيا علائقا بدستور پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن جنهن ڪري علائقي واسي خوف ۾ مبتلا بڻجي لڏ پلاڻ پيا ڪن. ٻڌڻي دوران آبپاشي کاتي جو ايڊوائيزر جنيد هاشم ۽ مختيارڪار ڪي اين شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته آبپاشي عملدارن هٿ سان ڪي اين شاهه کي ٻوڙي هزارين ماڻهو دربدر ڪيا آهن پر دادو ضلعي ۾ ٽينٽ سٽي نه هئڻ سبب متاثرين رستن تي بي يارو مددگار بڻيل آهن. عدالت عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪي اين شاهه مان پاڻي ڇو نه ٿا نيڪال ڪرايو ۽ متاثرين کي سهولتون ڪير ڏيندو. عملدارن عدالت کي آگاهي ڏني ته شهر ۾ پاڻي تمام گهڻو آهي ۽ چئني پاسن کان علائقن ۾ پاڻي موجود هئڻ سبب في الحال نيڪال ڪرڻ مشڪل آهي. عدالت حڪم ڏنو ته فوري طور حڪمت عملي جوڙي وڃي ته ڪي اين شاهه مان پاڻي جلد ڪيئن نيڪال ڪجي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر دادو فوري طور متاثرين لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪري 13 سيپٽمبر تائين تفصيلي رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿي جواب جمع ڪرائي.