ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 رُوٽس تي پنڪ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

0
192
ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 رُوٽس

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 رُوٽس تي پنڪ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڀاڻي ماڊل ڪالوني کان ٽاور رُوٽ ون تي پنڪ سروس جون بسز وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ماڊل ڪالوني کان ٽاور تائين روٽ ون جي بسز ۾ اضافو ڪيو ويندو، سڀاڻي پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان انڊس هاسپيٽل روٽ ٽـُو شروع ڪيو ويندو

Pink bus for Karachi's female passengers ready to glide

هن چيو ته نمائش چورنگي کان ڪلاڪ ٽاور روٽ 10 تي به پنڪ بس سروس شروع ڪئي ويندي، روٽ نمبر 10 تي نمائش چورنگي، ايم اي جناح روڊ، زيب النساء اسٽريٽ، ميٽروپول، تين تلوار، دو تلوار، عبدالله شاهه غازي، ڊولمن مال، ميڪڊونلڊ ۽ ڪلاڪ ٽاور سي ويو تائين عورتن کي پنڪ سروس ذريعي محفوظ سفري سهولت فراهم ڪئي ويندي

 صوبائي وزير پاران ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جو دائرو وڌائڻ لاءِ واڳيل اختيارين کي سروي مڪمل ڪرڻ جون به هدايتون پڻ ڪيون ويون آهن

 شرجيل ميمڻ چيو ته مان چاهيان ٿو ته پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جا وڌيڪ نوان روٽس به جلد کان جلد شروع ڪيا وڃن

هي به پڙهندا

اڏيري ۾ گاڏيون ڦرڻ جي الزام ۾ عورتن سميت 3 ڄڻا گرفتار