عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور:ڪارڪنن عدالت جو دروازو ٽوڙي ڇڏيو

0
183

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج ۽ فارين فنڊنگ ڪيسز ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج واري ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪئي، عمران خان سنگجاڻي ٿاڻي تي پنهنجي خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي هئي

ڪارڪنن جي رش سبب عمران خان کي پٺئين دروازي کان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ان کان اڳ غير حاضري تي عمران خان جي ضمانت رد ڪئي هئي

انسداد دہشتگردی اور بینکنگ کورٹ سے عمران خان کی ضمانتیں منظور

عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت کانپوءِ بينڪنگ ڪورٽ آڏو پيش ٿيو، بينڪنگ ڪورٽ فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي

 جج رخشنده شاهين ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي، عمران خان توشا خانه ۽ قتل جي ڪوشش وارن ڪيسز ۾ به عدالتن آڏو پيش ٿيندو

اُن کان اڳ عمران خان عدالتن ۾ حاضري لاءِ ڪارڪنن جي هجوم سان گڏ جڊيشل ڪامپليڪس پهتو، پي ٽي آءِ جا ڪارڪنن جڊيشل ڪامپليڪس جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيا

پوليس زمان پارڪ ٻاهران لڳايل بيريئر هٽائي ٽينٽ پٽي ڇڏيا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون، مڇريل ڪارڪنن پوليس جي گاڏين تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو

هي به پڙهندا

آئين تحت نگران حڪومت جي مقرري ۽ اليڪشن جي تاريخ تي گورنر ڪنهن جي ايڊوائيس جو پابند ناهي:چيف جسٽس