ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينه  مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، واٽهڙو عورت کي به گولي لڳي وئي، ان ڏس ۾ سائيٽ سپرهاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ احسن آباد چوڪ وٽ مبينه مقابلو ٿيو. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جوابدار شمس الدين ۽ شوڪت علي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ واٽهڙو عورت 45 ورهين جي محموده گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي وئي  جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب زخمي جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول، 4 رائونڊ ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.