لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز لاءِ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سيريز 13 کان 22 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ٽي ٽوئنٽي ميچون آءِ سي سي ٽي رينڪنگ ۾ شمار ٿينديون، جڏهن ته ون ڊي آءِ سيريز سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو هوندي. ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل 17 رانديگرن ۾ بابر اعظم ڪپتان ۽ شاداب خان نائب ڪپتان هوندا، ٻين رانديگرن ۾ آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، محمد حسنين، سعود شڪيل، شاهين آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر شامل آهن، جڏهن ته بنگلاديش خلاف تازو ئي ختم ٿيل ٽي 20 سيريز ۾ شامل اسڪواڊ مان حسن علي، عماد وسيم، سرفراز احمد ۽ شعيب ملڪ کي ٻاهر ڪيو ويو آهي.  ويسٽ انڊيز خلاف ٿيندڙ 3 ٽي ٽوئنٽي لاءِ 15 رڪني ٽيم ۽ 3 ون ڊي ميچز لاءِ  17 رڪني ٽيم ۾ شاهنواز ڏاهاڻي کي شامل ڪيو ويو آهي.