خيرپورناٿن شاه (ن پ ا) خرپور ناٿن شاهه ۾ ٻئي ڏينهن به حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو، يمختيارڪار،  سي ايم او جي اڳواڻي ۾ ميونسپل عملو پوليس اهلڪار ساڻ ڪري ٻيء ڏينهن به سج لٿي کان آپريشن شروع ڪيو. مين روڊ تي غيرقانوني حددخليون ختم ڪرڻ لاء روڊ مٿان ٺهرايل سوين ڌڪا ڇاپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. آپريشن دوران ميونسپل عملي ۽ دڪاندارن ۾ دڪا ڊراهڻ تان جهڙپون ٿيون، دڪاندارن خالد لغاري ، عبدالخالق ڪاٺيون محمد جمن آرائين ۽ ٻين دانهيو ته انتظاميا من پسند ماڻهن کي ڇڏي اسان کي بغير اطلاع جي دڪانن اڳيان ڀڃ ڊاه ڪئي جيڪا اسان واپارين شهرين سان ناانصافي زيادتي آهي آپريشن جي نالي تي انتقامي ڪاروائي ڪئي پئ وڃي جيڪا ناهي منظور ، ان موقعي تي مختيار ڪار سعيد احمد کونهارو ۽ سي ايم او منصب علي لاشاري صحافين سان ڳالهيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شهر ۾ غير قانوني حد دخلين خلاف بنا فرق جي اسان آپريشن شروع ڪيو آهي.