ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 2 مبينه مقابلا، هڪ جوابدار مارجي ويو، هڪ کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ڊفينس فيز ٽو ۾ هٿياربند شهري علي حيدر کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته متاثر شهري گشت تي موجود شاهين فورس جي اهلڪارن کي اطلاع ڏنو، اهلڪارن جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته انهن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، هڪ زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو. مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ علي اڪبر ولد جهانگير ۽ زخمي جي سڃاڻپ حسين شاهه جي نالي سان ٿي، ٻنهي جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، مارجي ويل جوابدار جو لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدارن جي قبضي مان 4 موبائيل فون، هڪ پرس، هڪ پستول ۽ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. هوڏانهن ايڊيشنل آئي جي ڪراچي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪار ثاقب ۽ طلحه کي 30-30 هزار روڪ ۽ سي سي ون سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هوڏانهن خواجه اجمير نگري ۾ شاهنواز ڀٽو ڪالوني ۾ مبينه مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار امين ﷲ ڪلهي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، ڪراس فائر ۾ هڪ سوزوڪي ڊرائيور به زخمي ٿي پيو، جوابدار فرار ٿي ويا.