ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي 11 يوسيز ۾ چونڊون نه ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، حافظ نعيم الرحمان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ 11 سيٽن تي اميدوارن جي فوتگين ۽ ٻين سببن سبب چونڊون نه ٿيون آهن، اليڪشن ڪميشن سان به رابطو ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن لنوائي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي 11 سيٽن تي فوري چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.  اليڪشن ڪميشن کي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اميد ته هاءِ ڪورٽ مان اسان کي انصاف ملندو، جڏهن ته پيپلز پارٽي فراڊ ذريعي پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ چاهي ٿي، آر او ۽ ڊي آر او ذريعي ڌانڌلي ڪرائي پئي وڃي، اليڪشن روڪرائي پئي وڃي،  امير جماعت اسلامي چيو ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جو جيالو ٿيندو اهو خواب پيپلن جو ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. اسان 10 مارچ تي ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻنداسين، ڪراچي جي تعميرات کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بدقسمتي سان اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني ڪردار ادا ناهي ڪيو.