ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان هندو ڪائونسل پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ هولي جي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان هندو ڪائونسل چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ هندو برادري سان اظهار يڪجهتي ڪري هولي ڏڻ جو ڪيڪ ڪاٽڻ محبت امن ڀائچاري واري روايت برقرار رکڻ جي نشاني آهي اڄ هولي جي ڏينهن شب برات جي ڀلاري رات به آهي جنهن تي اسين پنهنجي مسلمان ڀائرن جا ٿورائتا آهيون هن ڏينهن تي پنهنجي ملڪ جي سلامتي خوشحالي لاءِ دعاگو آهيون.ملير ڀرسان هندو پنچائت پاران گلشن حديد جي اڳواڻن ڪرم چند ٿانوراڻي، سماجي اڳواڻ ڀرت لعل ڪيلا، حاڪم جي، ڊاڪٽر ڪرشن لعل ۽ ٻين ملير پريس ڪلب پهچي صحافين سان هولي جي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب ملهائي، ان موقعي تي هندو پنچائت اڳواڻن، ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، سينئر صحافين ناز شر، مصطفيٰ عباسي، راجا بلوچ، علي محمد گبول، مختيار چانڊيو، نبيل ميرجت ۽ ٻين هولي جو ڪيڪ ڪاٽي هولي جون واڌايون ڏنيون،سکر ۾ هولي جو ڏڻ جوش جذبي سان ملهايو ويو. سکر جي ساڌ ٻيلو ڌرم شالا، گئو شالا مندر سميت مختلف هنڌن تي تقريبون ڪوٺايون ويون.لاڙڪاڻي جي دڙي محلا، باقراڻي روڊ، اسٽيشن روڊ، ڪرمان باغ، بالميڪي بستي سميت ٻين مختلف علائقن ۾ هندو برادري هولي جو ڏڻ ملهائي هڪٻئي کي رنگ هڻي پوڄا پاٽ ڪرڻ سان گڏ مختلف قسمن جا کاڌا ۽ مٺايون کارائي خوشي جو اظهار ڪيو نوجوان موٽرسائيڪلن تي چڙهي گشت ڪري رنگ هٿن ۾ کڻي پنهنجي دوستن ۽ مائٽن کي لڳائي مبارڪون ڏنيون.جيڪب آباد ۾ هندو برادري پاران هولي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، پنچائت صدر لال چند سيتلاڻي، روشن ڪمار، ڊاڪٽر رام ۽ ٻين چيو ته هولي جو تهوار خوشين جو ڏينهن آهي.پنوعاقل ۾ به هوليءَ تهوار ملهايو ويو. هندو برادريءَ جي نوجوانن پاڻ کي رنگن ۾ رنگي ڇڏيو. مندرن ۾ پوڄا پاٺ به ڪئي وئي. رھڙڪي درٻار ۾ به هوليءَ جو تهوار ڀرپور جوش ۽ جذبي سان جشن ملهايو. رهڙڪي درٻار ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري هڪ ٻئي کي رنگن ۾ رنگي ڇڏيو. حيات پتافيءَ ۾ ھند ۽ سنڌ جي مشھور شداڻي درٻار ۾ ھوليءَ جو تهوار وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. ھندو نوجوانن پاڻ کي ھوليءَ جي رنگن سان رنگي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، گھرن ۽ مندرن ۾  پوڄا پاٺ ڪئي.قادرپور ۾ ھندو برادري طرفان ھولي ڌام ڌوم سان ملھائي وئي، ان موقعي تي مندرن ۽ گھرن کي سينگاريو ويو. ٺري ميرواھ ۾ گرو هيراپوري ستيارو مندر ۾ خوشين ۽ رنگن جو تهوار هولي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي تي ملڪ ۽ سنڌ جي برسات متاثرن لاء خصوصي پرارٿنا ڪئي وئي.ميرواھ گورچاڻي ۽ ڀرپاسي  هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهن پاران ھولي جي رنگن ۾ رڱجي ويا،  کپرو ۾ رنگن جو خوبصورت تهوار هولي ڀرپور نموني ملهايو ويو،  مندرن ۽ گھرن ۾ پوڄا پاٽ ڪري ملڪ ۽ سنڌ لاءِ خصوصي دعائون گھريون ويون، مرڪزي رنگولي ريلي  رام راج ھندو لوھاڻا پنجائت پاران ڪڍي وئي. ڪنري جي هندو برادري هولي جي رنگن ۾ رنگجي وئي،  ڪوٽ غلام محمد ۾ ھولي جو تھوار وڏي ڌام ڌوم سان ملھايو ويوگھوڙاٻاري ۾ به ھندو برادري پاران ھريچند محله ۾ ڪشور ھريچند، شڪتي، بادل ھريچند، ۽ مٺو ھريچند جي اڳواڻي ۾ ھولي جو ڏڻ وڏي جوش جذبي سان ملهائي ھڪ ٻئي مٿان رنگ ھاريا ويا. بڪيراشريف ۽ ڌڱاڻوبوزدار ۾ به هندو برادري پاران قومي ڏڻ جي موقعص ته هڪٻئي کي رنگ هڻي هولي جا رنگ وکيريا ۽ هندو مذهب جي رسم مٽڪي ٽوڙڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي