ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاهڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي بحريا ٽائون ۽ سنڌي قديم وسندين کي ڊاھڻ خلاف ايڊووڪيٽ عنايت تنيو، ضمير مغيري، ڪاشف گاڏھي، منان شيخ، حفيظ تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن عمرڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي بحريه ٽائون طرفان قديمي سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف ڀليڏنو راڄڙ، دليپ اوڍاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊگهڙي ۾ ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاهڻ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ بحريا ۽ صوبائي سرڪار پاران ڪراچي جا ڳوٺ ڊاهڻ ۽ عورتن سميت سوين ماڻهو زخمي ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. اياز لطيف پليجو مختصر بيان ۾ ڄاڻايو آھي ته اهڙي عمل خلاف سندن جماعت ڀرپور احتجاج ڪندي. ٻئي طرف هوڏانهن سنڌ سجاڳي فورم جي وفد مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويو جي سربراهي ۾ بحريا ٽائون ڀرسان قائم سنڌي وسندين جو دورو ڪيو ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ جا ماڻهو هر قدم تي ساڻن گڏ هوندا.