هراري ٽيسٽ: پاڪستان پهرين اننگز ۾ 426 رنز ٺاهي آئوٽ، 250 رنز جي برتري

0
263

ھراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم زمبابوي جي خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ فواد عالم جي شاندار سينچري جي مدد سان 426 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، راند جي ٽئين ڏينهن تي پاڪستاني ٽيم پنهنجي اڻ مڪمل اننگز جي شروع ڪئي ته فواد عالم 108 ۽ حسن علي 21 رنز سان گڏ وڪيٽ تي موجود هئا، حسن علي 30 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، نئون ايندڙ بيٽسمين نعمان علي جيئن ئي آيو ائين ئي پهرين بال تي آئوٽ ٿي اهو به واپس موٽي ويو، جڏهن ته ساجد خان 7 رنز ٺاهي سگهيو ۽ پاڪستان جو آخري رانديگر آئوٽ ٿيڻ وارو فواد عالم هو جنهن 140 رنز اسڪور ڪري نمايان رهيو، اهڙِي طرح پاڪستان زمبابوي خلاف پهرين اننگز ۾ 250 رنز جي برتري حاصل ڪري ورتي، واضح رهي ته زمبابوي پنهنجي پهرين اننگز ۾ صرف 176 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي، حسن ۽ شاهين شاهه آفريدي 4، 4 شڪار ڪيا هئا.