ملير: بحريا ٽائون جي انتظاميا پاران ڳوٺن تي چڙهائين ۽ ڳوٺاڻن جي احتجاجن کانپوءِ ملير جا چونڊيل نمائندا يم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، ايم پي اي سليم بلوچ، ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ، اڳوڻو وفاقي وزير عبدالحڪيم بلوچ، پي ٽي آءِ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي متاثر ڳوٺاڻن وٽ پهچي هادي بخش گبول ڳوٺ، دريا خان گبول ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چونڊيل نمائندن ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن کي سدائين گهر ۽ روزگار ڏنو آهي. هنن چيو ته بحريا ٽائون جي زيادتين خلاف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آڏو ڳوٺاڻن جو موقف رکنداسين، اسان سدائين پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون ۽ هاڻي به ڳوٺاڻن جي مسئلن جي حل لاءِ پارٽي قيادت آڏو چٽو موقف رکنداسين. هنن چيو ته اسان جي لاءِ ايم پي اي يا ايم اين اي جي سيٽ ۽ عهدا ايتري اهميت نٿا رکن جو اسان پنهنجي ماڻهن جو ساٿ نه ڏيون، اسان سدائين پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيهنداسين.