شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، فائرنگ، گولي لڳڻ سبب ڳوٺاڻو زخمي، حيدرآباد منتقل. ڳوٺ شاھ بيگ بروهي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب هدايت الله بروهي زخمي ٿي پيو، زخمي کي سِمس اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو. ڊاڪٽرن موجب زخمي کي ٽنگ ۾ گولي لڳل آهي جيڪا هڏي کان آر پار ٿي وئي آهي. زخمي هدايت الله ٻڌايو ته ٻارن جي ڳالهه تان برادري جي عبدالقيوم سان منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد جوابدار حملو ڪري پسٽل جو فائر ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويو. ٻئي طرف پوليس واقعي جي اطلاع بعد واقعي واري هنڌ پهتي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي گرفتاري عمل ۾ آئي.