شاهپورچاڪر(رپورٽ: ذوالفقار ڏاهري) شاهپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ علي محمد بروهي ۾ زميني تڪرار تان بروهي ۽ سنجراڻي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، ڀر واري ڳوٺ ۾ گاھ تي ويندڙ عورت خديجه زال زاهد جهلڻ شديد زخمي، ڪافي عرصي کان هلندڙ زميني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، زميندار نصرالله سنجراڻي جي زمين تي ويٺل هارين بروهي برادري جي علي شير ۽ زميندار نصرالله سنجراڻي ۾ تڪرار هلندڙ هو. بروهي  برادري جي علي شير ۽ گل خان ٻڌايو ته اسان پنجاهه سالن کان هارپو ڪندڙ آهيون ۽ اڄ پاڻي جو وارو هو ته ڪمدار ۽ سندس هاري آيا ۽ انهن فائرنگ ڪئي ۽ هاڻ زميندار اسان کان هارپو کسي پيو. جڏهن ته زميندار نصرالله خان سنجراڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي زمين آهي ۽ آئون انهن هارين کي زمين تان هارپو ڪرڻ تان جواب ڏنو هو ڇو ته ان زمين تي آئون سيري ڪرايان ٿو، اڄ منهنجا هاري زمين تي ويا ته بروهين فائرنگ ڪري ڏني ڇو ته اهي منهنجي ئي زمين ۾ گهر ٺاهيون ويٺا آهن ۽ زمين خالي نٿا ڪن. ٻنهي ڌرين جي  فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ نصير خان جهلڻ واسڻ روزيدار عورت خديجه زال زاهد جهلڻ ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي. جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته شاهپورچاڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.