ڪراچي ۾ به ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ

0
156
ڪراچي ۾ به ڊينگي
 ڪراچي ۾ به ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ

ڪراچي: پنجاب کانپوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به ڊينگي جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. صحت کاتي سنڌ جي انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾  33 ڄڻا ڊينگي جو نشانو بڻيا. پر غير سرڪاري انگ اکرن موجب ڪراچي ۾ ڊينگي جي نون متاثرن جو انگ سوين آهي

جناح اسپتال ڪراچي جي ايمرجنسي ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ سئو کان وڌيڪ مريض آندا ويا، جن مان سرڪاري طور رڳو 33 ڄڻن کي ڊينگي هئڻ جي تصديق ٿي

ذريعن موجب جناح اسپتال، سول اسپتال ۽ ٻين سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ به روزاني بنياد تي ڊينگي سٽيل مريض پهچي رهيا آهن ۽ مريضن جي انگ ۾ اضافي سبب اسپتالن جي ميڊيڪل وارڊز ۽ عملي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. ڊينگي جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ باوجود سنڌ سرڪار پاران مڇرن جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن