توانائي بحران جو ذميوار حماد اظهر استعيفيٰ ڏئي، سياري ۾ گئس جو بحران به پيدا ٿيندو: امتياز شيخ

0
184
سياري ۾ گئس جو بحران
توانائي بحران جو ذميوار حماد اظهر استعيفيٰ ڏئي، سياري ۾ گئس جو بحران به پيدا ٿيندو: امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته بجلي مهانگي ٿيڻ بابت نيپرا جي رپورٽ وفاقي سرڪار خلاف چارج شيٽ آهي. رپورٽ مان ثابت ٿي ويو ته حڪومت فرنس آئل مان مهانگي بجلي پيدا ڪري رڳو پنهنجا کيسا ڀري رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته ايل اين جي سودي ۾ دير سبب ان جا نتيجا عوام کي ڀوڳڻا پئجي ويا آهن. نيپرا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته حڪومت ايل اين جي بدران فرنس آئل سان مهانگي بجلي پيدا ڪري رهي آهي.

صوبائي وزير چيو ته حماد اظهر پنهنجي نااهلي جو اعتراف ڪرڻ بدران نيپرا جي رپورٽ کي رد ڪري رهيو آهي. حڪومت جي لاڳيتن غلط فيصلن جي ڪري گرمين ۾ گئس ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳڻو پيو. هاڻي سياري ۾ گئس بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو.