هيليڪاپٽر تي سفر ڪرڻ واري کي عوام جي تڪليفن جي ڪهڙي خبر؟ مريم نواز

0
251
ايون فيلڊ ريفرنس: نيب

لاهور: مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هيليڪاپٽر ذريعي هڪ درٻار کان ٻئي درٻار تائين سرڪاري خرچ تي سفر ڪندڙ کي ڪهڙي خبر ته عوام جي مٿان ڪهڙي قيامت گذري رهي آهي؟

پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته جنهن ملڪ ۾ عوام بک وگهي مري رهيو هجي ۽ والدين مهانگائي کان تنگ اچي ٻارن کي زهر پياري خوڪشيون ڪري رهيا هجن، ان ملڪ جو حڪمران اهڙي رياست مدينه جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جنهن جو خليفو ڪلهن تي ٻوريون ڍوئي غريب ماڻهن جا در کڙڪائيندو هو. ڇا ڪو شخص ايڏو بي حس، گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو به ٿي سگهي ٿو؟

مريم نواز چيو ته هيليڪاپٽر ذريعي هڪ درٻار کان ٻئي درٻار تائين سرڪاري خرچ تي سفر ڪندڙ کي ڪهڙي خبر ته عوام جي مٿان ڪهڙي قيامت گذري رهي آهي

نون ليگ جي اڳواڻ چيو ته جنهن شخص جا ڪتا به اعليٰ قسم جي گوشت تي پلجي رهيا هجن، ان کي مديني جي رياست جو نالو زبان تي آڻڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻ گهرجي، پر اهڙي سوچ جي لاءِ به دل ۾ بغض نه پر درد جو هئڻ ضروري آهي