ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بدامني:  فيبروري ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون  7 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ ٿيون، سي پي ايل سي رپورٽ موجب فيبروري ۾ 2255 موبائل فون ۽ 5 ھزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري ٿيون، جڏهن ته شهرين کان 326 موٽرسائيڪلون کسيون ويون، ڪار چوري جا 163 واقعا رپورٽ ٿيا، سي پي ايل سي موجب 15 شهرين کان گاڏين مان ھٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪئي وئي، گذريل ھڪ مھيني دوران ڦورن 49 شھرين کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو  پوليس 66 ڦر ٿيل ڪارون واپس ڪرايون،