اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت حج پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن سال حج لاءِ 14 بينڪن ذريعي 15 مارچ کان 31 مارچ تائين درخواستون وصول ڪيون وينديون، قرعه اندازي 5 اپريل تي ڪئي ويندي، هن سال پاڪستان مان هڪ لک 79 هزار 210 حاجي حج تي وڃي سگهندا، جن مان اڌ سرڪاري حج اسڪيم ۽ اڌ تعداد نجي ٽوئر آپريٽرز ذريعي حاجي حج ڪري سگهندا، مذهبي مامرن جي وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور پريس ڪانفرنس چيو ته هن سال سرڪاري حج اسڪيم ذريعي 89 هزار 605 حاجي حج تي وڃي سگهندا، ايتري ئي تعداد ۾ نجي حج اسڪيم ذريعي حاجي حج ڪري سگهندا، سرڪاري توڙي نجي حج اسڪيم جي ڪوٽا ۾ 50 سيڪڙو يعني 44 هزار 802 حاجين جي ڪوٽا اسپانسرشپ حج اسڪيم لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، جيڪا سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن ذريعي 19 ڪروڙ 40 لک ڊالر پاڪستان کي وصول ٿيڻ جي اميد آهي، سمنڊ پار پاڪستاني پاڪستان ۾ موجود پنهنجي رشتيدارن لاءِ مخصوص ڪيل اڪائونٽ ۾ رقم موڪليندا، پاڪستان مان ان اڪائونٽ ۾ ڊالر جمع نه ڪرائي سگهبا، هن چيو ته حج لاءِ درخواست ڏيندڙن لاءِ ضروري آهي ته انهن جو بينڪ اڪائونٽ هجي، حج تي ويندڙ پاڪستاني حاجين لاءِ عمر جي ڪا حد ناهي، حج تي ويندڙ عورتن سان شرعي طور تي محرم هجڻ لازمي آهي، جڏهن ته فقه جعفريه سان تعلق رکندڙ 45 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورتون بنا محرم جي حج تي وڃي سگهنديون، گذريل 5 سالن دوران يعني 2016ع کان 2022ع تائين حج ڪندڙ درخواست ڏيڻ لاءِ اهل تصور نه ٿيندا، پر پهريون ڀيرو حج تي ويندڙ عورتن جا مڙس ان 5 سالن جي پابندي کان آجا تصور ٿيندا، سرڪاري حج اسڪيم تحت 3 سيڪڙو سيٽون يعني 2688 سيٽون هارڊشپ ڪيسن لاءِ رکيون وينديون، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ملتان، فيصل آباد، رحيم يار خان، سيالڪوٽ کان هن سال حج تي ويندڙن لاءِ 11 لک 75 هزار رپيا حج خرچ ايندو، انهن علائقن سان تعلق رکندڙ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ اسپانسرشپ اسڪيم تحت 4 هزار 345 ڊالر جمع ڪرائڻا پوندا، جڏهن ته ڏکڻ ريجن جن ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، سکر شامل آهن، مان حج تي ويندڙن جو 11 لک 65 هزار حج خرچ ايندو، جڏهن ته انهيءَ ريجن جي سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ اعلانيل اسڪيم تحت خرچ 4285 ڊالر هوندو، جڏهن ته ورڪر ويلفيئر فنڊ سان رجسٽرڊ اي او بي آءِ جي 19 ڪمپنين جي گهٽ پگهارن وارن ملازمن لاءِ 300 حاجين جي ڪوٽا رکي ويندي، جن جي ڌار قرعه اندازي ٿيندي، انهن جا خرچ انهن جون ڪمپنيون ادا ڪنديون، حج تي ويندڙن لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي هوندي، سعودي ۾ حج دوران بند ۽ کليل جڳهن تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، هن سال حاجين کي واپسي تي 5 ليٽر آب زم زم ملندو.