ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي ڪنوينس الائونس سميت ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، چمبڙ ۾ عملي پاران اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو سھولتون نه ملڻ خلاف سرڪل سپروائيزر رمضان دل، اعجاز علي رند، عابد گل، ارشاد علي لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، محرابپور ۾ آدمشماري عملي عاشق سولنگي، مرزا اسد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڀرياسٽي ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استادن گھربل سھولتون نه ملڻ خلاف ناظم پنھور، فرمان سھتو، عبدالجبار راڄپر، فيصل سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.