برلن(م ڊ) جرمني جي شهر هيمبرگ ۾ چرچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب هيمبرگ پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو گراسبرسٽل ۾ پيش آيو، جتي هٿياربندن چرچ ۾ موجود ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پوليس اختيارين موجب جوابدارن جي فرار ٿيڻ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. مارجي ويلن ۾ هٿياربند شامل آهي. علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ علائقي واسين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حملي جي حوالي سان ڪا به جوڳي ڄاڻ نه آهي، هنن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان حوالي سان افواهه نه پکيڙين. فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.