اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبن اڳيان گوڏا کوڙيندي بجلي صارفين کان 76 ارب رپيا اضافي وصول ڪرڻ لاءِ في يونٽ بجلي تي 3 رپيا 39 پيسا سرچارج لاڳو ڪري ڇڏيو، بجلي وزارت اضافي رقم وصول ڪرڻ لاءِ سرچارج لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سرچارج مارچ کان جون 2023ع تائين بجلي صارفين کان وصول ڪيو ويندو، ائين بجلي صارفين کان مجموعي طور تي 3 رپيا 82 پيسا في يونٽ تي سرچارج وصول ڪيو ويندو، جنهن ۾ نئون لاڳو ڪيل 3 رپيا 39 پيسا سرچارج ۽ پهريان کان وصول ٿيندڙ 43 پيسا سرچارج شامل آهي، لاڳو ڪيل سرچارج ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي صارفين تي به لاڳو تصور ٿيندو، ان سرچارج ذريعي حڪومت مجموعي طور تي جون 2023ع تائين 76 ارب رپيا اضافي وصول ڪندي، ٻئي طرف وفاقي نيپرا بجلي جي ملتوي ڪيل وصولين جي مد ۾ به 55 ارب رپيا صارفين کان وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، هلندڙ مالي سال دوران بجلي جي ملتوي ڪيل وصولين جي مد ۾ پروٽيڪٽ ٿيل 200 يونٽ تائين بجلي صارفين کان 89 پيسا في يونٽ تي وصول ڪيا ويندا، 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کان 89 پيسا في يونٽ، جڏهن ته زرعي ٽيوب ويلن کان 3 رپيا في يونٽ تائين اضافي وصول ڪيا ويندا، ائين نيپرا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي جي بجلي صارفين لاءِ في يونٽ تي بجلي قيمتن ۾ 71 پيسن جو اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهڙي منظوري نيپرا جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني آهي، اهي وصوليون مارچ مهيني جي بلن ذريعي ڪيون وينديون، نيپرا اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ائين جنوري مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ملڪ اندر بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي ٻين صارفين لاءِ به بجلي 48 پيسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي، اهو اضافو به جنوري جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.