ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي ڪمشنر شهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي. ڪراچي جي ڪمشنر طرفان جاري فهرست موجب پهرئين درجي جا پٽاٽا 36 ۽ ٻئي درجي جا 25 رپيا ڪلو، وڏا بصر 113 ۽ ننڍا 83 رپيا، جڏهن ته پهرئين درجي جو ٽماٽو 33 رپيا ۽ ٻئي درجي جو ٽماٽو 20 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو وڃي. فهرست موجب پهرئين درجي جا ڪيلا 143 رپيا في درجن، ٻئي درجي جا 123 رپيا في درجن، پهرئين درجي جا صوف 183 رپيا ۽ ٻئي درجي جا 173 رپيا في ڪلو کپايا وڃن.