اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجاا آصف تحريڪ انصاف چيئرمين جو نالو وٺڻ بنا شاعراڻي انداز ۾ ٽوڪ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف عمران خان جي گذريل ڏينهن جي ڏنل بيان جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين اڳوڻي آرمي چيف جي ڪورٽ مارشل بابت ڳالهه ڪئي. خواجا آصف شاعراڻي انداز ۾ لکيو ته پراڻي آرمي چيف جي ڪورٽ مارشل چاهيان ٿو، نئين آرمي چيف سان ملاقات چاهيان ٿو، منهنجي ٻه نمبري ڏس ڇا چاهيان ٿو.