ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ملڪ جن حالتن ۾ ڦاٿل آهي ان جي پويان 75 سالن جون غلطيون آهن، اسان زرداري، شريف ۽ عمران سڀني کي آزمائي ڇڏيو آهي سسٽم بدلائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿيندو. سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته 18 هين ترميم تحت اختيار صوبن کي منتقل ٿيا پر هيٺين سطح تي فنڊ فراهم نه ڪيا ويا، وفاق کي خرچ گهٽائڻا پوندا. هن چيو ته صوبائي حڪومتون ٽيڪس گڏ نه ٿيون ڪن.