ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سر شاهه سليمان روڊ تي حددخليون ڇو؟ عدالت فرنيچر مارڪيٽ تان حددخليون فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسسٽنٽ ڪمشنر لياقت آباد، اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ٻين کي روڊ خالي ڪرائڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچيڪمپليڪس سر شاهه سليمان روڊ تي حددخلين خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران وڪيل عطا محمد خان عدالت کي ٻڌايو ته سرشاهه سليمان روڊ تي قبضو ڪندڙن پاران حددخليون قائم ڪيون ويون، جڏهن کان حددخليون قائم ٿيون آهن سروس روڊ تي مڪمل قبضو ڪيو ويو آهي، ڪيبنز، روڊن تي لڳل ٺيلهن سميت ٻيون حددخليون قائم ڪرڻ وارن غير قانوني بجلي جا ڪنيڪشن به حاصل ڪيا آهن، ڪنڊا مافياز سبب بجلي جي بلن جو بار عام صارفين تي پئجي رھيو آهي،  عدالت سر شاهه سليمان روڊ فرنيچر مارڪيٽ تان حددخليون فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪي اليڪٽرڪ کي حددخلين تان بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.