ميرپوربٺورو (ن پ ا)  ميرپوربٺورو پوليس تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو ويجهو مانڊڻي تي ڇاپو هڻي نوجوان حق نواز خاصخيلي کي گهٽڪا وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن نوجوان جي گرفتاري خلاف پ پ پ هاري ڪميٽي ضلعي سجاول جي صدر علي نواز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي مين سجاول حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، صحافين سان ڳالهائيندي گرفتار نوجوان جي پيءُ پ پ پ هاري ڪميٽي ضلعي سجاول جي صدر علي نواز خاصخيلي چيو ته سندس پٽ کي بيگناھ گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ميرپوربٺورو ۾ هر قسم جي منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ وڪرو ٿئي ٿي ليڪن پوليس منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ بجائي ڏهاڙي پورهيو ڪندڙ مزدورن کي گرفتار ڪري رڪارڊ جي پورائي ڪري رهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيل سندس پٽ جي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. بعد ۾ پ پ اڳواڻ واحد پرهياڙ ۽ عبدالغفور ميمڻ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 3 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو.