ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي واسي نينگر هڪ مهيني کان گم وارث پريشان، ان ڏس ۾ ڪرونڊي شهر واسي 12 ورهين جو  يتيم نينگر سريش ڪمار  مهينو اڳ ناناڻن سان ملڻ لاءِ ڪرونڊي شهر کان ٻانڌي شهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ گم ٿي ويو، جنهن سبب سندس امڙ ۽ ٻيا وارث سخت پريشان آهن، ٻي طرف نينگر جي مامي جمعو مل موجب ته مختلف شهرن ۾ ڳولا باوجود نينگر جو ڪوبه ڏس پتو ملي نه سگهيو آهي، نوٽيس وٺي نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.