ڪراچي: حب ڊيم مان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ حب ڪئنال ۾ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب  پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانهن وهڻ شروع ٿي ويو،  واٽر بورڊ ذريعن موجب حب ڪئنال کي ناردرن باءِ پاس تي دعا هوٽل ويجهو  گهارو پيو آهي، پاڻي عيسيٰ ۽ خميسو ڳوٺن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته پاڻي منگھوپير جي  آبادي واري علائقي ۾ طرف وڌي رهيو آهي، حب ڪئنال جي مرمت ٿيڻ تائين پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي.، گهارو ٻڌڻ لاءِ مشنري گهرائي وئي آهي