سامارو (ن پ ا) سامارو ويجھو ھيرل واري علائقي مان لنگھندڙ سم نالي کي ديھه ڀنڀرا ۾ ڳوٺ تارو ڪولھي وٽان 30 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنھن ڪري ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا اجھا بچائڻ لاءِ گھارو ٻڌڻ ۾ مصروف  آهن، ڳوٺاڻن گلاب پٺاڻ، تارو ڪولھي، پارو ڪولھي ۽ ٻين ٻڌايو ته اطلاع باوجود آبپاشي عملدار ناهن پهتا، هنن يچو ته گھاري سبب اسان جا لکين روپين جا فصل ٻڏي  ويا آهن،