حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري حيدرآباد ۾ برسات دوران مختلف علائقن جو دورو ڪيو. دوري دوران هن لطيف  آباد يونٽ نمبر 2 ۽ 11، قاسم آباد، ٿڌي سڙڪ، شهباز بلڊنگ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري پاڻي نيڪال واري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايچ ڊي اي جي ڊي جي فواد غفار سومرو ۽ ٻين آفيسرن کيس شهر ۾ برسات جي صورتحال ۽ پاڻي جي نيڪال واري معاملي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي شهر جي مختلف علائقن مان پاڻي جي نيڪال جون هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته شهر جي سمورن علائقن ۽ خاص طور تي هيٺاهين وارن هنڌن تان پاڻي جي فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته برسات دوران شھر ۾ لاڳاپيل ادارن جي عملي ۽ مشينري جي دستيابي کي به يقيني بڻايو وڃي.