ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي  لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران پوليس پاران گم ٿيل 2 سڳن ڀائرن عمران محمود ۽ صبيح محمود جي واپس گهر اچڻ بابت پيش ڪيل رپورٽ تي ڄاڻايل درخواست اڪلائيندي ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،ڪالهه ٻڌڻي دوران سي ٽي ڊي عملدارن گم ٿيل ٻن ڀائرن جي بازيابي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته عمران محمود ۽ صبيح محمود بازياب ٿي گهر پهچي چڪا آهن،