ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان گيسٽرو  سبب 4 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد  صحت کاتي نوٽيس ورتو، ان ڏس ۾  ضلعي نوشھروفيروز جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشرف لاکو جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي جي ٽيم ڳوٺ حبيب الله بروھي پھچي فوتي ٻارڙن جي والدين کان تفصيل ورتا، ان حوالي سان فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشرف لاکو ٻڌايو ته ڳوٺ اندر 60 کان 70 ٻارڙا گيسٽرو ۽ ڊائريا ۾ ورتل آھن، دوائون ۽ ٻيو سامان کڻي پھتا آھيون ھر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته صحت جون سموريون سھولتون ڏئي ٻارڙن کي  مرض کان بچايون.