شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) ڳوٺ وڏا سيلرا ۾ گرلز مڊل اسڪول کي تالالڳائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ربنواز سيلرو کي  بي سيڪشن پوليس سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار ربنواز سيلرو کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.هوڏانهن ربنواز سيلرو جي گرفتاري خلاف وارث عورتن ۽ مردن قادر بخش، پهلوان، جانل ، عائشه، خالده ، شبانا اسڪول آڏو احتجاج ڪندي چيو ته حق گهرڻ تي شاهنواز سيلرو ۽ ربنواز سيلرو مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو.