نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيد آباد ۾ ذھني معذور ۽ درويش غلام دستگير عرف پپو ميمڻ کي  بيدردي سان قتل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ڪليم امام پهتو، جتي هن قتل واري جاءِ جو معائنو ڪيو ۽  پاڙيوارن، ڪيس سان لاڳاپيل ماڻھن ۽ مقتول نوجوان جي ڀاء ڀيڻ ۽ ٻين وارثن جا بيان قلمبند ڪيا. ان بعد ٽن ڄڻن شاھد راجپوت نديم راجپوت ۽ بابر راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو. ان کان اڳ ان ڪيس ۾ ٻه ڄڻا شريف راجپوت ۽ پرائمري استاد جنگشير راجپوت گرفتار ٿيل آھن. مقتول نوجوان جي وارث عزيز ميمڻ ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث مک جوابدار شاھنواز راجپوت اڃان گرفتار ن ٿيو آھي ھن چيو ت ڪجھ ماڻھن پاران درويش کي سندن پاران ڪيل چوري جي نشاندھي ڪرڻ سبب قتل ڪيو آھي ايس ايس پي اسان کان ڪجھ ٽائيم ورتو آھي باقي جوابدار گرفتار ن ٿيا ۽ ايماندرانا جانچ ن ٿي ت سخت احتجاج ڪنداسين. واضح رھي ته مذڪورا واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ آء جي سنڌ نوٽيس ورتو ھو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪئي ھئي ۽ ان سلسلي ۾ نيوسعيدآباد ٿاڻي جي وڏي منشي الھيار ٻلال کي ايس ايس پي مٽياري معطل ڪيو ھو.