ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل ڌماڪي جي ابتدائي رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي، بم آرمي حوالي ڪرڻ جي سفارش، جاچ ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ 2 ڏينهن اڳ گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪي جي ابتدائي جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي، بي ڊي ايس جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو  آهي ته مال خاني ۾68 دستي بمن جو معائنو ڪيو ويو، جيڪي ڪٽ لڳڻ ڪري خطرناڪ ٿي ويا آهن، انهن بمن کي ناڪاره ڪرڻ لاءِ آرمي حوالي ڪيا وڃن، رپورٽ موجب مال خاني ۾ موجود 266 موٽرگولا ۽ شيل به ناڪاره ڪرڻ لاءِ آرمي حوالي ڪيا وڃن. ٻئي طرف ڌماڪي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل جي سربراهي ۾ 4 رڪني جاچ ٽيم جوڙي وئي، ٽيم ۾ ايس ايس پي اسد رضا، آصف ٻگهيو ۽ علي مردان کوسو کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو، ٽيم معاملي جي جاچ ڪري اعليٰ اختيارين کي رپورٽ پيش ڪندي